عارف علوي پي ٽي آءِ جو پرزو بڻجي ويو آهي، صدر آئيني ۽ قانوني ڀڃڪڙيون ڪيون: وزيراعظم

0
90

وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته عارف علوي پاڪستان تحريڪ انصاف جو پرزو بڻجي ويو آهي، صدر آئيني ۽ قانوني ڀڃڪڙيون ڪيون.وزير اعظم شهباز شريف چيو ته عارف علوي خلاف آئيني پٽيشن به داخل ڪري سگهجي ٿي، پر هُن آئيني پٽيشن جي معاملي تي صبر ۽ تحمل جي پاليسي اختيار ڪري رکي آهي.هن چيو ته اڳوڻي حڪومت روس سان سستي تيل ۽ گيس جو ڪو معاهدو ناهي ڪيو، تحريڪ انصاف جو ڪم ڪوڙ ڳالهائڻ آهي.شهبازشريف جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت اٽي تي سبسڊي ڏي ٻي صورت ۾ وفاقي حڪومت ڏيندي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آمريڪا سپر پاور آهي اُن سان بگاڙي نه ٿا سگهون، ايٽمي ڌماڪن وقت نواز شريف ملڪي وقار خاطر آمريڪا کي ايبسالوٽلي ناٽ نه چيو پر طريقي سان ڪلنٽن کي جواب ڏنو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here