ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ نسرين جليل کي گورنر سنڌ مقرر ڪرڻ جو فيصلو

0
150

ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ نسرين جليل کي گورنر سنڌ مقرر ڪرڻ جو فيصلو، وزير اعظم شهباز شريف مقرري لاءِ سمري صدر کي موڪلي ڇڏي.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاران سنڌ جي گورنر جي عهدي لاءِ نسرين جليل کي نامزد ڪيو هو.ايم ڪيو ايم پاران نالو تجويز ڪرڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف نسرين جليل کي گورنر سنڌ مقرر ڪرڻ واري سمري صدر کي اماڻي ڇڏي.ايم ڪيو ايم پاران گورنر سنڌ لاءِ 5 نالا تجويز ڪيا ويا هئا جن ۾ نسرين جليل، عامر خان، عامر چشتي، وسيم اختر ۽ ڪشور زهرا شامل هئا.صدر عارف علوي وزيراعظم پاران اماڻيل سمري منظور ڪئي ته نسرين جليل تقريبن اڌ صدي بعد بڻجندڙ سنڌ جي عورت گورنر هوندي. ان کان اڳ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي گهر واري رعنا لياقت علي خان 1973 کان 1975 تائين سنڌ جي گورنر رهي چڪي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here