سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالله جي طبعيت خراب ٿي پئي

0
93

سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالله جي طبعيت خراب ٿي پئي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته شاهه سلمان کي روٽين چيڪ اپ لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سعودي ميڊيا موجب شاهه سلمان جده جي ڪنگ فيصل اسپتال ۾ داخل آهي، جتي سندس ميڊيڪل ٽيسٽ ٿي رهيا آهن.سعودي اختيارين پاران شاهه سلمان جي طبعيت بابت تفصيل ڏيڻ جي حوالي سان احتياط کان ڪم ورتو پيو وڃي.ٻئي پاسي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته شاهه سلمان جي زندگي کي ڪو خطرو نه آهي، روٽين چيڪ اپ تحت کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي سندس ڪجهه ميڊيڪل ٽيسٽ ڪيا ويندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here