عام چونڊون فيبروي 2023 جي پھرين ھفتي ۾ ٿي سگھن ٿيون: منظور وساڻ

0
161

پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته عام چونڊون فيبروي 2023 جي پھرين ھفتي ۾ ٿي سگھن ٿيون.ڪنب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شيخ رشيد ويچارو غريب آھي ان کي ڪير ماريندو موجوده حڪومت کي ڪنھن کي مارائڻ جو ارادو نه آھي.منظور وساڻ چيو ته عمران خان جي غلط پاليسين سبب عوام کيس رد ڪري ڇڏيو نئين حڪومت اٽي کنڊ ۽ گيهھ ۾ لاٿ آندي آھي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي دور ۾ پھريون ڀيرو سڌي ۽ اڻ سڌي ريت عدالتن تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ عدالتن جي فيصلن کي تسليم نٿو ڪيو وڃي.پ پ اڳواڻ چيو ته پاڪستان جي تحفظ ڪندڙ ادارن مٿان به سوشل ميڊيا تي غلط پروپيگنڊا ڪري ڪھڙو سبق ڏنو پيو وڃي، پي ٽي آءِ وارن ڇا ڪيو آھي انھن جو احتساب ضرور ٿيندو، ھاڻي ڪھڙن جيلن ۾ ويندا اڳ چيو ھيو ته اڊيالا جيل ۽ خيرپور جيل پر ھاڻي متان مچ جيل وڃن.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مسجد نبوي ۾ تيز ڳالھائڻ به نه گھرجي اتي نعرا ھڻي بد اخلاقي ڪرڻ افسوسناڪ عمل آھي جنھن جي مذمت ڪجي ٿي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here