پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو آهي ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي گورنر هائوس تي قبضو ڪيو، حمزا شهباز جي چونڊ غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پرويز الاهي چيو ته گورنر وفاق جو نمائندو آهي کيس ڪجهه ٿيو ته صدر خاموش نه ويهندو،.هن چيو ته پنجاب ۾ آئيني بحران پيدا ٿي ويو آهي.سنس چوڻ هو ته اسان هميشه عدليه جو احترام ڪيو.اسپيڪر پرويز الاهي چيو ته حمزه شهباز وڏو وزير ناهي، وڏ وزارت جو اميدوار ته آئون هئس