مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪجهه مخصوص ماڻهن مسجد نبوي صلعم جو تقدس پائمال ڪيو.هن چيو ته هوءَ ان شخص جو نالو پاڪ زمين تي وٺي سياست لاءِ استعمال نٿي ڪرڻ چاهي، رياست مدينا جا دعويدار پڌرا ٿي پيا آهن.وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڳوڻي حڪومت دنيا سان لاڳاپا خراب ڪيا، جيڪي بهتر ڪرڻا آهن.مريم اورنگزيب چيو ته سعودي عرب سان نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌندو