وزيراعظم شهباز شريف کي سندس برطانوي هم منصب بورس جانسن عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني

0
104

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته برطانوي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ 2016ع ۾ پاڪستان جي دوري کي ياد ڪيو، جنهن دوران ڇوڪرين جي تعليم، صحت، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ترجمان موجب برطانوي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ پاڪستان جي قيام جي 75 هين سالگرهه تي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جڏهن ته بورس جانسن به وزيراعظم سان جلد ملاقات جي اميد جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ مضبوط لاڳاپا ۽ عوام کان عوام ۾ مضبوط رابطا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here