چين جي پرڏيهي وزارت ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي جي سخت مذمت ڪئي

0
152

چين جي پرڏيهي وزارت ڪراچي ڌماڪي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي خاندانن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.چيني پرڏيهي وزارت چيو ته چين ان وڏي دهشتگردي جي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو.چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ڪراچي ڌماڪي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جو رت ضايع نه ٿيڻ گهرجي، ڪراچي ۾ چيني شهرين تي حملا ڪندڙن کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.پاڪستان ۾ موجود چيني سفارتخاني به ڪراچي ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو.چيني سفارتخاني چيو ته پاڪستان کي يقين ڏياريو وڃي ته مستقبل ۾ اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here