صوبائي وزير اسماعيل راهو ڪراچي يونيورسٽي پهچي ويو، کيس دوري دوران بم ڌماڪي بابت بريفنگ ڏني وئي.صوبائي وزير اسماعيل راهو کي گذريل ڏينهن واري واقعي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته چيني شهرين کي مڪمل سيڪيورٽي ڏني وئي هئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي اسماعيل راهو چيو ته يونيورسٽي جي سيڪيورٽي بابت هو جائزو وٺي رهيا آهن، ڪراچي يونيورسٽي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل آهن.هن چيو ته چيني ڊائريڪٽر کي استادن جي نقل حرڪت محدود ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو، چيني استاد واڪ به سيڪيورٽي ۾ ڪندا هئا. صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته 4رينجرز اهلڪار سيڪيورٽي ۾ شامل هئا جن مان 2 زخمي ٿيا.هن چيو ته آپگهاتي بمبار يونيورسٽي جي شاگرد آهي يا نه رڪارڊ چيڪ ڪري رهيا آهيون