ڪشمور واسي روينيو ملازم جي ڏيءَ مبينا طور اغوا

0
86

وارثن پاران ناري جي بازيابي لاءِ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

.اغوا ڪيل 18 ورھين جي ناديه سومرو جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاج ڪيو.ان موقعي تي مغوي ناري جي وارثن الزم مڙهيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ واسي غلام جان کوسو ۽ ليڊي پوليس گهر ۾ گهڙي تشدد ڪرڻ بعد ڌيءَ ناديه کي اغوا ڪري ويا آهن.هن چيو ته ڪجھه وقت اڳ پُٽ غلام جان کوسو جي ڌيءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد بااثر وڏيرن جي زور تي ناري کي واپس ڪري ڇڏيو هو.هن چيو ته پلاند ۾ غلام جان کوسو ڌيءَ کي اغوا ڪري ويو آهي، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي ڌيءُ کي بازياب ڪارائي انصاف ڪيو وڃي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، واقعي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here