وزيراعظم بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبا تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

0
228

شهباز شريف چيو ته بلوچستان جي عوام جي بهتري لاءِ تڪڙا قدم کنيا ويندا.وزيراعظم شهباز شريف جي ڪوئيٽا پهچڻ تي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ وقتي گورنر جان محمد جمالي پاران آجيان ڪئي وئي، وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، احسن اقبال ۽ سردار اخترمينگل پڻ ڪوئيٽا پهتا.وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، انتظامي معاملن ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.شهبازشريف ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته بلوچستان جي ترقي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بلوچستان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪري کين سهولتون فراهم ڪيون وينديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here