نواب شاھ ۾ 24 کان 30 اپريل تائين ٻارن کي مخلتف وچڙندڙ بيمارين کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ٽڪن جو ھفتو ملھايو ويندو

0
170

شھيد بينظيرآباد جي ڊي ايڇ او پاران عوام کي آگاھي فراهم ڪرڻ ۽ ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سيمينار منعقد ڪيو ويو، سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عامر حسين پنھور مھمان خاص طور شرڪت ڪئي.سيمينار کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته حفاظتي ٽڪن جي مھم دوران والدين کي آگاھي ڏيڻ سان گڏوگڏ سندن ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳايا وڃن.هن چيو ته حفاظتي ٽڪا لڳرائڻ سان ٻار کي 12 مختلف بيمارين کان بچائي سگھجي ٿو، ليڊي هيلٿ ورڪز به ھو پوليو ۽ ڪووڊ ويڪسينيشن جيئان نيشنل اميونائزيشن مھم کي به ڪامياب بنائڻ لاءِ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون.ان موقعي تي آگاهي سيمينار کي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر دولت جمالي، ٻارن جي بيمارين جي ماھر ڊاڪٽر علي اڪبر سيال، ڊاڪٽر الله بخش راجپر، ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري ۽ ٻين خطاب ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here