عدالت لاڳاپيل عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب داخل ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج فوتي جي وارثن پاران داخل درخواست تي ايس ايس پي حيدرآباد، ايس پي ڪمپلينٽ سيل ۽ ايس ايڇ او ڀٽائي نگر کي نوٽيس جاري ڪندي کين 23 اپريل تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. فوتي نوجوان مصطفيٰ ماڇي جي ڀاءُ الھه بچايو ماڇي پنھنجي وڪيل سجاد احمد چانديو معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواسگذار موقف ڄاڻائيندي چيو آهي ته 5 اپريل تي ڀٽائي نگر پوليس گھرڀاتين جي سامھون ڀاءُ مصطفيٰ کي کنڀي کڻي وئي، ۽ 6 اپريل تي مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو. مقتول جي ڀاءُ جو چون آهي ته پوليس غلام مصطفيٰ کي علائقي واسي رفيق ماڇي جي چرچ تي فل فراءِ ڪيو آهي.ان موقعي تي وڪيل پاران عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ويو ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت ايس پي ڪمپلينٽ سيل ۽ ٻين کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وي هو، پر انهن جواب داخل ناهي ڪرايو. عدالت عملدارن پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست ۾ نامزد جوابدران کي 2 ڏينهن بعد پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي