6 ٻارڙن سميت 9 ڄڻا سڙي فوت، 6 ڄڻا زخمي، ڳوٺ فيض محمد درياڻي ۾ لڳل باھه تيز ھوا سبب پکڙي ۽ 50 گھرن کي وڪوڙي وئي، ڳوٺ صالح ماڇي ۾ به باھه سبب 25 گھر سڙي ويا، زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو، باھه سبب متاثر ٿيل ڳوٺاڻا کليل آسمان ھيٺ ويٺل، ڪو به سرڪاري عملدار نه پھتو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته باھه لڳڻ سبب ڪيترائي ڍور مري ويا، ميونسپل عملي فائر برگيڊ عملو نه موڪلڻ جو اهو جواز ڄاڻايو ته فائر برگيڊ گاڏي ھڪ ھفتي کان خراب آھي