سنڌ حڪوت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عمران خان عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، هن عوام سان هڪ به واعدو پورو نه ڪيو، عمران جي ذاتي انا سبب ملڪ کي نقصان پهتو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته توهان جي حق ۾ فيصلا اچڻ تي عدالتون ٺيڪ آهن.سندس چوڻ هو ته عمران خان عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو.هن چيو ته عمران خان چيو ڪراچي کي 162 رپين جو ترقياتي پيڪيج ڏيندو، جيڪو واعدو پورو نه ٿيو.سندس چوڻ هو ته عمران خان جي ذاتي انا سبب ملڪ کي نقصان نه پهتو، عمران خان واعدو ڪيو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪندو