آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي قائد ايوان جي چونڊ لاءِ اجلاس سڀاڻي ٿيندو

0
71

قانون ساز اسيمبلي جي قائد ايوان جي چونڊ لاءِ اجلاس صبح ساڍي ڏهين وڳي ڪوٺايو ويو آهي. اسپيڪر چوڌري انوار الحق وزير اعظم جي چونڊ ڪرائيندو، آزاد ڪشمير اسيمبلي جا 53 ميمبر ووٽ وجهندا.اميدوارن کي ڪاميابي لاءِ 27 ووٽ گهربل هوندا، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جا 32، پيپلز پارٽي جا 12، مسلم ليگ ن جا 7، جي ڪي پي پي ۽ مسلم ڪانفرنس جو هڪ هڪ ميمبر آهي.پي ٽي آءِ وزير اعظم لاءِ سردار تنويز الياس کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو، مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جو گڏيل اميدوار چوڌري ياسين هوندو، شو آف هينڊ ذريعي چونڊ ٿيندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here