نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ پي ٽي آءِ جي نائب صدر شاهه محمود قريشي وچ ۾ مقابلو

0
128

نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ووٽنگ سڀاڻي ٿيندي، جنهن لاءِ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ پي ٽي آءِ جي نائب صدر شاهه محمود قريشي وچ ۾ مقابلو ٿيندو.عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ بعد نئين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي.متحده مخالف ڌر نئين قائد ايوان لاءِ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.شهباز شريف پاڻ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، جنهن ۾ خواجا آصف ۽ راڻا تنوير شهباز شريف جا حامي ۽ تصديق ڪندڙ هئا.ٻئي طرف پي ٽي آءِ به ميدان کليل نه ڇڏڻ جو فيصلو ڪندي نئين وزيراعظم لاءِ شاهه محمود قريشي کي ميدان ۾ لاٿو آهي.اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي نائب صدر شاهه محمود قريشي نئين قائد ايوان لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.شاهه محمود قريشي کي جا حمايتي ۽ تصديق ڪندڙ امير ڊوگرا ۽ علي محمد خان هئا.شهباز شريف طرفان 12 ۽ شاهه محمود قريشي طرفان 4 نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن.پي ٽي آءِ طرفان شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض اٿاريا ويا.پي ٽي آءِ وڪيل بابر اعواڻ چيو ته شهباز شريف خلاف ڪيس داخل آهن، مٿس مالي ڪرپشن جا الزام آهن، تنهن ڪري نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن.بابر اعواڻ جي اعتراض تي سوال ڪندي سيڪريٽري قومي اسيمبلي چيو ته الزامن تي نااهل ڪيئن ٿي سگهي ٿو، وقت ضايع نه ڪريو، الزام تي شهباز شريف کي سزا ڪٿي ملي آهي.نامزدگي ڪاغذن تي اعتراضن جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ اڳواڻن وچ ۾ ڏن چڪ پڻ ٿيا.پي ٽي آءِ اميدوار شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سندن وڪيل جي دليلن ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي، حڪومت اڃا ناهي ٺهي ۽ ڌانڌلي شروع ٿي وئي آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته احسن اقبال شرارت ڪئي آهي، انهن تي اڳ ئي اقتدار جو نشو چڙهي ويو آهي.ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ تي قومي اسيمبلي جي جوائنٽ سيڪريٽري چيو ته آئيني عمل جو جائزو ورتو پيو وڃي، اهو مذاق ناهي، رڳو اميدوار، سندن وڪيل ۽ تصديق ڪندڙ ۽ حمايتين کانسواءِ ٻيا سڀ ٻاهر هليا وڃن.قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري، شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي پي ٽي آءِ جا اعتراض رد ڪندي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا.قومي اسيمبلي سيڪريٽري، پي ٽي آءِ اميدوار شاهه محمود قريشي جا به نامزدگي منظور ڪري ورتا.نئين وزيراعظم لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ هئي.نئين وزيراعظم جي چونڊ سومر 11 اپريل تي ٿيندي، جنهن لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس منجهند 2 وڳي تائين طلب ڪيو ويو آهي…….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here