پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اسيمبلين تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.بني گالا ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده صورتحال تي غور ڪيو ويو.فواد چوڌري چيو ته حڪومت جي تبديلي عالمي سازش هئي جيڪا هتي ٿيي، ڪالهه سمورا دستاويز ڊي ڪلاسيفائيڊ ڪري اسپيڪر کي موڪليا ويا.هن چيو ته شهباز شريف خلاف 16 ارب رپين جو ٽي ٽي ڪيس آهي، جنهن ڏينهن شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ٿيندو، ان ڏينهن چونڊ وڙهندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪور ڪميٽي وزيراعظم کي اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن ڪري اسيمبلي مان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.فواد چوڌري چيو ته اهو عمل سڀاڻي وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ قومي اسيمبلي کان شروع ڪيو ويندو