قومي اسميبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پرڏيهي سازش جي ڳالهه ڪبي ته ڳالهه گهڻو پري نڪري ويندي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ اهم ترين فيصلو ڏنو، پارليامينٽ اڄ نئين تاريخ رقم ڪرڻ وڃي رهي آهي.شهباز شريف چيو ته گذارش آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ڪارروائي هلائي وڃي.مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته نظريا ضرورت جو سهارو ورتو ويو، پر عدالت ان کي دفن ڪري ڇڏيو