*پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته وڏيون طاقتون نه رڳو پاڪستان پر ٻين هنڌن تي به حڪومتون تبديل ڪرڻ جو سوچي رهيون آهن پارليامينٽ هائوس ۾ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي قاسم سوري چيو ته مون آئين نه ٽوڙيو پر هڪ محب وطن پاڪستاني هجڻ جو ثبوت ڏنو ۽ پوري قوم سندس فيصلي کي ساراهي ٿي هن چيو ته پرڏيهي ايجنڊا تحت حڪومتون تبديل ٿينديون ته پوءِ محب وطن پاڪستاني ڪهڙو قدم کڻندو، جن مارشل لا لڳايو انهن غلط ڪيو پر اسان وٽ جمهوري حڪومت آهي، عوام پي ٽي آءِ ۽ عمران خان سان گڏ آهي هن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته سازش ٿي رهي آهي، حڪومت ڪميشن ٺاهي آهي، هو پرڏيهي آقائن جي غلامي ڪندي حڪومت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، مان پاڪستان جي لاءِ رولنگ ڏني، سڄي زندگي ان تي فخر ڪندس قاسم سوري چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن جي آءِ ايس پي آر سميت سمورن رياستي ادارن توثيق ڪئي آهي ڊپٽي اسپيڪر سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت آرٽيڪل 5 ۽ منهنجي رولنگ جي طرف وئي ئي ناهي، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جا جج خط ڏسن ها ته اهي به اهڙو ئي فيصلو ڪن ها……