پي ٽي آءِ سرڪار کي ٻيو وڏو ڌچڪو،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا آرڊيننس کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو

0
140

پي ٽي آءِ سرڪار کي ٻيو وڏو ڌچڪو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ميڊيا خلاف آندل پيڪا آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، پيڪا آرڊيننس خلاف درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله ٻڌائي ڇڏيو پي بي اي ۽ ٻين صحافتي تنظيمن پاران پيڪا آرڊيننس خلاف درخواستون ڏنيون ويون هُيون، ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهن جا حق پائمال ٿي رهيا آهن، عدالت جي سامهون ايس او پيز رکيا ويا ۽ اُنهن ئي پائمال ڪيو ويو ۽ اُهي سيڪشن لڳايا ويا آهن جيڪي لڳندا ئي ناهن، ايس او پيز رڳو اُن لاءِ لاڳو ڪيون ويون ته جيئن عدالت کان بچي سگهجي، صحافي جي نگراني ڪئي پئي وڃي، اهو ايف آءِ اي جو ڪم آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here