اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ايف آءِ اي پاران منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

0
126

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت طارق شفيع جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي

ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس طارق جهانگيري منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ بابت ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايف آءِ اي جو وڪيل ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عدالت ۾ پيش ٿيا

ايف آءِ اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان اڃا تائين جاچ ۾ شامل ناهي ٿيو، بينڪنگ ڪورٽ جي عبوري ضمانت واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ان ڪيس ۾ عمران خان تي ڪهڙو الزام آهي؟ عمران خان يا تحريڪ انصاف فنڊ حاصل ڪندڙ آهن بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪندي عمران خان جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here