آءِ ايم ايف جو سهانگي تيل پروگرام تي اعتراض نه ٿو ٺهي: پيٽروليم وارو مملڪتي وزير

0
217

پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته هو اميرن لاءِ تيل مهانگو ۽ غريبن لاءِ سستو ڪري رهيا آهن، ان پروگرام تي ڪا به سبسڊي نه ڏني ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ روڊن تي 2 ڪروڙ موٽرسائيڪلون آهن، هن اسڪيم مان 800 سي سي گاڏين سميت 2 ڪروڙ 14 لک موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون فائدو حاصل ڪنديون

مصدق ملڪ چيو ته موٽرسائيڪلن تي ماهوار 420 ملين ليٽر پئٽرول استعمال ٿيندو، گاڏين سميت جموٽرسائيڪلن لاءِ ماهوار 461 ملين ليٽر تيلل استعمال ٿيڻ جو اندازو آهي مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جو سهانگي پيٽرول پروگرام تي اعتراض نه ٿو ٺهي، غريب ماڻهو لاءِ 100 رپيا في ليٽر رليف جي پروگرام تي ڪم ٿي رهيو آهي، فيول ڪارڊ تي ڊائريڪٽ رليف ۽ ڪوڊ ذريعي رليف ڏيڻ جو جائزو ورتو، ڪوڊ ذريعي فيول فراهمي سڀ کان بهتر سمجهي وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here