اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ هنگامو آرائي ڪرڻ واري واقعي جو عمران خان سميت 17 اڳواڻن تي ڪيس داخل

0
206

اسلام آباد جي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي عمران خان 17 اڳواڻن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ دهشتگردي سميت 10 مختلف ڏوهن جا قلم شامل ڪيا ويا

ڪيس ۾ عمران خان، علي امين گنڊا پور، مراد سعيد، عامر ڪياني، اسد قيصر، شبلي فراز، اسد عمر، عمر ايوب، علي اعواڻ ۽ حسان نيازي سميت سترهن اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي

ايف آءِ آر موجب پوليس چيڪ پوسٽ کي نقصان پهچايو ويو، جوڊيشل ڪمپليڪس جو مک دروازو ۽ شيشا ٽوڙيا ويا، ڀڃ ڊاهه، پٿراءُ، حملو ۽ جوڊيشل ڪمپليڪس جي عمارت جون شيون ٽوڙڻ واري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو پوليس جون ٻه گاڏيون ۽ ست موٽرسائيڪلون ساڙيون ويون، ايس ايڇ او گولڙا جي سرڪاري گاڏي کي به نقصان پهچايو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here