چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي
گهرو، پرڏيهي ۽ اطلاعات واري وزارت، جي آءِ ٽي، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي جا آفيسر ۽ شهيد ارشد شريف جاوارث عدالت ۾ پيش ٿيا
ارشد شريف جي وارثڻ وڪيل شوڪت عزيز پاڻمرادو نوٽيس تي اعتراض ڪندي چيو ته عدالت جاچ جي نگراني نٿي ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ کي جاچ جي نگراني ڪرڻ آئين جي خلاف آهي، ارشد شريف جي ماءُ کي جسٽس آف پيس سان رابطو ڪرڻ چوڻ گهرجي ها
ان تي چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ساڍا 5 هفتا انتظار ڪرڻ بعد پاڻمرادو نوٽيس ورتو
جسٽس مظاهر نقوي چيو ته ايتري عرصي تائين قانوني ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ جنهن تي شوڪت عزيز صديقي جواب ڏنو ته رمنا ٿاڻي جو ايس ايڇ او شهيد جي امڙ جي درخواست تي ڪيس داخل نه پيو ڪري
جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته صحافي برادري جي خدشن ۽ تحفظ سبب پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويو، عدالت نوٽيس ڪنهن کي سزا ڏيڻ لاءِ ناهي ويٺي
سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪري رهي آهي، عدالت رڳو حڪومتي ادارن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هو جاچ جي نگراني نه ڪري رهيا آهن، جاچ ۾ مدد ڪري رهيا آهن ، سندن مقصد ڪنهن کي شامل ڪرڻ يا تحفظ ڏيڻ ناهي، ارشد شريف صحافي ۽ پاڪستاني شهري هو، سندس قتل واري واقعي تي کين ڏک پهتو
عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته عدالت نوٽيس فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ اچڻ کان پوءِ ورتوپ، فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ ڪجهه اهڙا پهلو هئا جن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عدالتي ڪارروائي شروع ٿيڻ کانپوءِ ئي ڪيس داخل ڪيو ويو، حڪومت جي آءِ ٽي کي فنڊ فراهم نه پئي ڪري سپريم ڪورٽ جي آءِ کي فنڊ ڏياريا ۽ جاچ لاءِ پرڏيهه موڪليو
جسٽس مظاهر نقوي چيو ته جاچ جي نگراني ڪرڻ عدالت جو اختيار آهي، اوهان چئو ته پاڻمرادو نوٽيس ختم ڪري ڇڏيو
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ارشد شريف قتل ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي، پرڏيهه مان ڪا مدد نه ملي رهي آهي، عدالت جو مقصد نه ڪنهن کي تحفظ ڏيڻ آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي سزا ڏيڻ آهي، جيڪڏهن ڪنهن دلچسپي نه ورتي ته ڪارروائي ۾ وڌيڪ دير ٿيندي
ارشد شريف جي وارثن جي وڪيل شوڪت عزيز صديقي چيو ته ارشد شريف جي ماءُ روز جيئندي ۽ مرندي آهي، ارشد شريف جي امڙ مرضي موجب ڪيس داخل نه ٿي رهيو آهي، هو چاهين ٿا ته جي آءِ ٽي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي
چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جي آءِ ٽي جي ڪم ۾ مداخلت ناهي ڪئي
ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته يو اي اي ۽ ڪينيا مان هن وقت تائين ڪو به سهڪار مليو
جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته گڏيل قانوني سهڪار واري قانون تحت ڪينيا جاچ ۾ مدد ڇو نه ڪري رهيو آهي؟ ڪينيا کان باهمي قانوني مدد حاصل ڪرڻ جو طريقو ڇا آهي بعد ۾ سپريم ڪورٽ ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي 3 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي