ميان صاحب ويجهو پراڻي تڪرار تان 2 ڀائر قتل، هڪ ڄڻو زخمي

0
47

ميان صاحب ويجهو ڪلر ڌرين ۾ پراڻي  تڪرار تان ڪورٽ حاضري تي ويندڙ 2سڳا ڀائر قتل ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

هٿياربندن جي فائرنگ ۾  معشوق ۽ گل محمد ڪلر  پٽ لکمير ڪلر مارجي ويا، غلام مرتضيٰ  زخمي ٿي پيو

ٻڌايو پيو وڃي ته 5 سال اڳ ڪارنهن معاملي تان شروع  ٿيل خوني تڪرار ۾ دين محمد ڪلر ڌر جا 6۽ رتوڪلر ڌر جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن

خوني تڪرار تان ٻن ڀائرن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته خونريزي وڌڻ جو خطرو آهي، جهيڙي کي ٽاريو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here