وڊيو لنڪ ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته جڏهن سندس حڪومت ڪيرائي پئي وئي ته ان وقت هُن آرمي چيف کي سمجهايو هو ته عدم استحڪام ايندو، سياستدان سڀني سان ڳالهائيندو آهي ڪنهن سان اُڦي ناهي ڪندو پر جيڪي ماڻهو ملڪ جو پئسو چوري ڪن، انهن سان ڪيئن سمجهوتو ٿي سگهي ٿو
عمران خان چيو ته جنرل باجوا چيو ته انهن کي اين آر او ڏيو، مان ڪير ٿيندو آهيان جو عوام جو پئسو انهن کي معاف ڪري ڇڏيان
هن وڌيڪ چيو ته هُو سڀني سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، کيس خبر آهي ته قاتلاڻي حملي ۾ ڪير ڪير ملوث هو، هُو حملو ڪندڙن کي به معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهي
پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته نيلسن منڊيلا 27 سال جيل ۾ گذاريا، ٻاهر اچي سڀني کي معاف ڪري ڇڏيائين، اڄ پاڪستان جي جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ هُو يقين رکي ٿو ته اهي چونڊون ڪرائيندا، ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ چونڊون پهريون قدم آهي، سياسي استحڪام چونڊن سان ايندو، ان کانپوءِ معاشي استحڪام ايندو، عوامي مينڊيٽ سان حڪومت ايندي ته عوام جو اعتماد وڌندو، اعتماد نه هوندو ته سيڙپڪار پنهنجو پئسو نه لڳائيندو