چونڊون 3 مهينن اندر ٿين يا بعد ۾پيپلز پارٽي تيار آهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
85
عمران حڪومت جي خاتمي بعد عبوري حڪومت چونڊ سڌارن سان گڏ نيون چونڊون ڪرائي: بلاول

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ صوبائي قيادت سان ملاقات ڪري سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

سيد حسن مرتضيٰ، شهزاده سليم چيمه ۽ ثمينه خالد گِهرڪِي پارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪري انتظامي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي

ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن جڏهن به ٿئي پيپلز پارٽي تيار آهي، اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ جو حتمي فيصلو پارلياماني بورڊ ۾ ڪيو ويندو

سپريم ڪورٽ پاران پنجاب ۾ 3 مهينن اندر اليڪشن ڪرائڻ جي فيصلي بعد پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور پهتو آهي بلاول ڀٽو جي لاهور ۾ 3 ڏينهن ترسڻ جو امڪان آهي، جتي هو پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪري انتظامي معاملن جو جائزو وٺندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here