جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته هُو سُپريم ڪورٽ جو جج آهي، پنجن سالن تائين بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهي چڪو آهي، هُو چاهين ٿا ته شفافيت هئڻ گهرجي، جيڪڏهن رجسٽرار ڪيس هڪ کان ٻي بئنچ ۾ مقرر ڪندو ته شفافيت ڪيئن ٿيندي
سُپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحييٰ آفريدي اعليٰ عدالت ۾ ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار واري معاملي جو نوٽيس وٺندي سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي سموري رڪارڊ سميت فوري طور طلب ڪري ورتو
ان کان اڳ پنهنجي رماڪرس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هُو سُپريم ڪورٽ جو جج آهي، پنجن سالن تائين بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهي چڪو آهي
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هُو چاهين ٿا ته شفافيت هئڻ گهرجي، جيڪڏهن رجسٽرار ڪيس هڪ کان ٻي بئنچ ۾ مقرر ڪندو ته شفافيت ڪيئن ٿيندي
هن چيو ته ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ رجسٽرار سندس جهڙي جَجَ کان به وڌيڪ طاقتور آهي، هُو 2010ع وارا ڪيس نٿو ٻڌي سگهي، ڇاڪاڻ ته ڪيس رجسٽرار ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ٿو
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته ڇا هُو فون ڪري رجسٽرار کي اِهو چئي سگهي ٿو ته فلاڻو ڪيس فلاڻي بئنچ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو
عدالتي حڪم تي رجسٽرار پيش ٿيو ته جسٽس فائز عيسيٰ کائنس پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ڪهڙي پاليسي تحت مقرر ڪيا ويندا آهن؟ عدالت ٻه اپريل 2022ع تي رجسٽرار کي حڪم ڏنو هو ته ڪيس مقرر ڪرڻو جو طريقيڪار طئي ٿئي، رجسٽرار آفيس ۾ ڪيس مقرر ڪرڻ بابت شفافيت نالي ڪائي شئي ڪونهي، جنهن تي سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار چيو ته چيف جسٽس جي منظوري سان ئي ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيندا آهن
جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته سوال اِهو آهي ته بئنچ ۾ جسٽس حسن رضوي صاحب هو، اها بئنچ ڇو تبديل ڪئي وئي؟ ڪيس مقرر ڪرڻو جو طريقيڪار ڇا آهي
جسٽس فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ سندس بئنچ تبديل ڇو ڪئي وئي؟، بنا ٻڌائڻ جي بئنچ تبديل ڪرڻ سبب عوام جي ذهن ۾ شڪ جنم وٺن ٿا، جنهن تي رجسٽرار جواب ڏنو ته چيف جسٽس جي اسٽاف آفيسر جي زباني هدايتن تي بئنچ تبديلي جو پروپوزل تيار ٿيو، چيف جسٽس جي اسٽاف آفيسر چيو ته چيف جسٽس جي هدايت آهي ته ججز روسٽر تبديل ڪيو وڃي
ان موقعي تي جسٽس فائز عيسيٰ فريادي ڌر ۽ وڪيلن کان معذرت ڪندي چيو ته هو اڄ ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته اوچتو بئنچ جي تبديلي جا سبب ناهن ڄاڻايا ويا
جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته حلف ۽ ظابطا سڀني سان هڪجهڙو ورتاءُ ڪرڻ جي گهر ڪن ٿا، آرٽيڪل 10 اي بنيادي حقن ۾ شامل آهي، جيڪو ڊيو پراسس جي ڳالهه ڪري ٿو، بئنچ تبديل ڪرڻ جا قانوني سبب هئڻ گهرجن، سڀاڻي ماڻهو چوندا ته مرضي جي بئنچ جوڙي مرضي جو فيصلو ٿيو، عدليا جو وقار شفافيت نه هئڻ سان گهٽجي ويندو، شفافيت جي اهم گهرج آهي ته جيڪو ڪيس پهريان داخل ٿئي اِهو پهريان ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿئي
جسٽس يحييٰ آفريدي رجسٽرار کان سوال ڪيو ته ڇا هي روسٽر اوهان نه پر چيف جسٽس صاحب ٺاهيو آهي؟ جنهن تي رجسٽرار ٻڌايو ته شروعاتي روسٽر ٺاهي چيف جسٽس ڏانهن اُماڻيون ٿا
جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته سوچي سمجهي ڳالهايو، عوام سُپريم ڪورٽ جو در کڙڪائي ٿو، جيڪڏهن اوهان منهنجي چوڻ تي منهنجي ڀاءَ جو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو ته انصاف جو اڌ قتل ته اوهان ڪري ڇڏيو، جنهن تي رجسٽرار چيو ته چيف جسٽس جي اسٽاف آفيسر زباني چيوته هدايت آهي ته روسٽر تبديل ڪيو وڃي، ڄاڻايل روسٽر تبديل ڪري چيف جسٽس کان منظوري ورتي وئي
بعد ۾ جسٽس قاضي فائز عيسي بئنچ جي تبديلي جو حڪم ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي