لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ خان جي حفاظتي ضمانت منظور

0
68

جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٿاڻي سنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

لاهور هاءِ ڪورٽ حفاظتي ضمانت جي درخواست ۽ وڪالت نامي تي صحيح ۾ فرق تي وضاحت ۽ ٿاڻي سنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏنو هو جنهن کانپوءِ هو عدالت ۾ پيش ٿيو

عدالت عمران خان کي پيش ٿيڻ لاءِ شام پنجين وڳي جو وقت ڏنو هو جڏهن ته هو پنج لڳي پنجاهه منٽن تي هاءِ ڪورٽ جي حدن ۾ پهتو جتي هو گهڻي دير تائين موجود رهيو. ان دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ عدالت کان درخواست ڪئي ته عمران خان جي حاضري قبول ڪئي وڃي کيس ويل چيئر تي گاڏي مان عدالتي ڪمري تائين پهچائڻ ممڪن ناهي پر عدالت اهڙي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ عمران خان کي هر صورت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو

انکانپوءِ عمران خان ساڍي ستين وڳي پنهنجي گاڏي مان نڪري پاڻ پنڌ ڪري جسٽس باقر نجفي جي عدالتي ڪمري ۾ پهتو حفاظتي ضمانت جي درخواست ۾ عمران جي مختلف صحيحن وارو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ جي عدالت ۾ هلي رهيو آهي جڏهن ته ٿاڻي ناسنگجاني ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج علي باقر نجفي ڪري رهيو آهي، ٻنهي عدالت ۾ عمران خان جي پيشي جو انتظار ڪيو پئي ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here