صدر مملڪت طرفان چونڊن جي تاريخ بابت لکت ۾ حڪمنامو ملڻ کانپوءِ قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو: اليڪشن ڪميشن جو ترجمان

0
65

صدر مملڪت جي اعلان بعد اليڪشن ڪميشن اڄ صبح اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اجلاس ۾ صدر طرفان تاريخ جي اعلان جو جائزو ورتو ويندو

ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبلي جي چونڊن واري معاملي تي صدراتي آفيس جي مشاورت عمل جو حصو بڻجڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن جي مرڪزي آفيس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن ٻن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن واري معاملي تي فلحال صدارتي آفيس جي مشاورتي عمل جو حصو نٿي بڻجي سگهي تنهنڪري اليڪشن ڪميشن جا عملدار ايوان صدر جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندا اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊن وارو معاملو مختلف عدالتي فورمز تي ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ ادارو 19 هين فيبروري تي صدر کي جواب ڏئي چڪو آهي ۽ اداري جو هاڻي به ساڳو ئي موقف آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here