عارف علوي قومي اسيمبلي ۽ آئين ٽوڙي چڪو آهي: مريم اورنگزيب

0
63

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عارف علوي قومي اسيمبلي ۽ آئين ٽوڙي چڪو آهي

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي تشريح بابت صدر جو عهدو علامتي آهي، ايوان صدر ايوان سازش بڻجي چڪو آهي

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي عمران خان جي ٽائگر فورس بڻجڻ نه ڏينداسين

مريم اورنگزيب چيو ته دٻاءُ وجهي غير آئيني طور چونڊن جي تاريخ وٺڻ جي ڪوشش ٿئي پئي هن چيو ته صدر عارف علوي آئين ٽوڙيو ته کيس آرٽيڪل 6 کي منهن ڏيڻو پوندو، عارف علوي آئين ٽوڙي ته هو صدر نه رهندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here