سنڌ سرڪار منشيات خلاف وفاقي سرڪار ۽ ايجنسين جي سهڪار سان ايڪشن پلان ترتيب ڏئي ڇڏيو آهي: مڪيش ڪمار

0
61

سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته تعليمي ادارن کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ پهرين ترجيح هوندي منشيات تمام وڏي لعنت آهي جنهن جي خلاف اسان سڀني کي وڙهڻو پوندو

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته منشيات جو هڪ خراب مرض آهي ان جي روڪٿام جاري آهي ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ ايڪشن پلان جوڙيو پيو وڃي

اجلاس ۾ سوالن جوابن واري ساهيءَ ۾ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته آبپاشي کاتي وٽ هڪ ڪروڙ 28 لک ايڪڙ زمين جي ڪمانڊ آهي ان مان رڳو 30 سيڪڙو ڊرينج جي گنجائش آهي

هن وڌيڪ چيو ته ايل بي او ڊي جي  چار هزار ڪيوسڪ جي گنجائش آهي، ان تي اسٽڊي جاري آهي

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ جي ڊي اي ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته هي پهرين ڊيجيٽل آدم شماري ٿي رهي آهي جنهن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪيو ويو آهي،  ان سان سنڌين جو وجود خطري ۾ اچي ويندو ۽ سنڌ جا ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا

هن چيو ته هي آدم شماري ڪنهن جي مطالبي تي ٿي رهي آهي، ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪو ماڻهو ڇهن مهينن کان رهائش پذير آهن انهن کي به ڳڻيو ويندو جنهن سان سنڌين جو وجود خطري ۾ اچي ويندو، هتي غيرقانوني رهندڙ افغاني به بار آهن صوبائي وزير مڪيش ڪمار جواب ڏيندي چيو ته آدمشماري وفاقي سرڪار ڪرائيندي آهي، جيستائين پيپلزپارٽي يا پيپلا آهن سنڌ کي ڪير ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي، پيپلزپارٽي لاءِ سنڌ امڙ جيان آهي اسان پنهنجن ماڻهن سان گڏ آهيون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here