فنانس بل 2023 جي منظوريآءِ ايم ايف جي مطالبي تي عوام مٿان 170 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳايا ويندا

0
57

فنانس بل 2023 جي منظوريآءِ ايم ايف جي مطالبي تي عوام مٿان 170 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳايا ويندا

صدر عارف علوي پاران فنانس بل 2023 بابت آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار بعد وفاقي حڪومت پاران فنانس بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ذريعن موجب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ فنانس بل کي ناڻي کاتي جي اسٽينڊنگ ڪميٽيز ڏانهن اماڻينديون جيڪي پنهنجي سفارشون پيش ڪنديون، سفارشن تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ پارليامينٽ جو صوابديد آهي.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ڪابينا کي ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل معاهدن بابت بريفنگ ڏني. آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ لاءِ فنانس بل وسيلي ٽيڪس جي مد ۾عوام تي 170 ارب رپين جو اضافي بار وڌو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here