جتان به لڳو آئين کي خطرو آهي ته ان جو مقابلو ڪيو ويندو: بلاول ڀٽو زرداري

0
64

اسلام آباد ۾ موجوده آئين جي گولڊن جوبلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي سدائين غير آئيني قدمن جي خلاف رهي آهي ۽ اڳتي به رهندي، ضياءَ ۽ مشرف جو دور هڪ امتحان هو، اڄ جنهن وقت مان گذري رهيا آهيون، اهو به امتحان آهي، جيڪڏهن ان امتحان ۾ پاس ٿيون ٿا ته اسان جي ڪاميابي آهي، جيڪڏهن ناڪام ٿيون ٿا ته ملڪ کي نقصان ٿيندو

پرڏيهي وزير ان موقعي تي عمران خان تي پڻ تنقيد تير وسايا ۽ چيو ته عمران خان جي دور ۾ جيڪو نقصان ٿي رهيو هو، اهو هاڻ نه پيو ٿئي، ان وقت ملڪي نظام ۽ آئين خطري ۾ هو، سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وڌو ويو، جتان به لڳو آئين کي خطرو آهي ته ان جو مقابلو ڪنداسين

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين رول آف گيمز طئي ڪندو آهي، آئين تي عملدرآمد لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آئين جو ڳاٽ اوچو ڪرڻ لاءِ اپوزيشن کي به پنهنجو جمهوري ڪردار ادا ڪرڻو هوندو آهي

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته غير ذميوار اپوزيشن انتهاپسندي جو ڪردار ادا ڪيو، اهي طالبان سان ته ڳالهيون ڪندا رهيا پر انتهاپسندي تي ساٿي ميمبرن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن، ، سياسي جماعتن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ گڏيل ايجنڊا تي راضي ٿيڻو پوندو، هڪ بنيادي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ لاءِ پ پ سڀني جماعتن سان رابطو ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اسان طئي ڪنداسين ته پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر ڪيئن هڪٻئي سان هلڻو آهي، ائين ملڪ نه هلندو ته نه مان کيڏندس نه ڪنهن کي کيڏڻ ڏيندس، اسان سڀني کي ملڪ لاءِ گڏ ٿيڻو آهي، جيڪڏهن نه گڏياسين ته حالتون سنڀالڻ ڏکيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here