وڏي وزير مراد علي شاهه پاران هڪ ڀيرو هٿرادو مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي هدايت

0
73

وڏي وزير مراد علي شاهه کي فروٽ ۽ ڀاڄين جي قيمتن جي فهرست ڏني وئي

وڏي وزير پاران ڊي سيز کي مهانگائي تي ضابطي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي

ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهرن جي سمورن دڪانن تي گوشت، فروٽ ۽ ڀاڄين سميت هر شيءِ جي لسٽ لڳل هجي

هن چيو ته شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري لسٽون چيڪ ڪندس ۽ عوام کان ڄاڻ وٺندو

وڏي وزير کي ڏنل رپورٽ ۾ ويو ته پهرين درجي جو پٽاٽو 33، ٻيون درجو 22 ۽ نئون پٽاتو 33 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي

رپورٽ موجب وڏو بصر 183 ۽ ننڍو بصر 153  رپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي

وڏي وزير کي اماڻيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پهرين درجي جو گل گوبي 53 ۽ ٻئين درجي جو گوبي 33 رپيا في ڪلو وڪرو ٿئي پيو وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪندي چيو ته شهر ۾ فروٽن ۽ ڀاڄين جي سرڪاري اگهن تي عمل يقيني بڻايو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here