پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف سڌارن ۽ انهن لاءِ کڄندڙ قدمن تي اتفاق ڪري ورتو

0
73

ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آءِ ايم ايف مشن چيف جي وفد ملاقات ڪئي، آءِ ايم ايف مشن چيف ناڻي واري وزير کي ڳالهين ۾ هيل تائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو

ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن چيف ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي ٻڌايو ته ڳالهين جو گڏيل اقتصادي ۽ مالياتي پاليسي ڊرافٽ تيار ڪيو پيو وڃي، ايم اي ايف پي جي مسودي کي اڄ حتمي شڪل ڏني ويندي

ذريعن موجب آءِ ايم مشن جي سربراهه چيو ته مالياتي پاليسين تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ڳالهين جي نتيجي ۾ سڌارن ۽ قدمن تي اتفاق ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهين جو ڪالهه نائون ڏينهن هو ۽ اڄ آخري ڏينهن آهي ان کان اڳ مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وفد جي ڳالهين ۾ ڪيل فيصلن جي وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ضرورت آهي، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هاڻي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهيون آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here