لاھور ھاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

0
55

لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي 43 ايم اين ايز کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ وارو اليڪشن ڪميشن جو حڪم  معطل ڪري ڇڏيو آهي، نئون حڪم اچڻ تائين خالي قرار ڏنل تڪن تي ننڍي چونڊ روڪڻ جو به حڪم ڏنو ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم تحريڪ انصاف جي رياض فتيانه سميت 43 ميمبرز جون استعيفائون منظور ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي هلائي

پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته استعيفائون منظور ڪرڻ لاءِ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، اسپيڪر استعيفائون منظور ڪرڻ کان اڳ آئين تحت انڪوائري نه ڪرائي، ميمبر استعيفائون منظور ڪرائڻ لاءِ اسپيڪر آڏو پيش نه ٿيا ميمبرز کي ٻڌڻ کانسواءِ اسپيڪر استعيفائون منظور نه ٿو ڪري سگهي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد اليڪشن ڪميشن جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو، نئون حڪم اچڻ تائين خالي قرار ڏنل 43 تڪن تي ننڍي چونڊ نه ڪرائڻ جو حڪم به جاري ڪيو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here