اسان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آھي: فواد چوڌري

0
61

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اسان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي آهي، ان لاءِ ڪارڪن رجسٽريشن ڪري رهيا آهن.

ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته هو پرويز مشرف جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ هتي پهتو هو، 1999ع ۾ پاڪستان کي نواز شريف کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ قدم کنيا هئائين.

هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي بي شرمن کي شرم ناهي، هر 10 سالن بعد مسلط ڪيو ويندو آهي.

چون ٿا ته مون کي صبح 4 وڳي کنڀيو ويو ۽ شراب جي پرچي ڏني وئي، هن وقت بي شرمن جي حڪومت آهي، نواز ۽ زرداري جو پيسو پاڪستان آندو وڃي.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ آئين معطل آهي، ايماندار ماڻهو ڪيس ڀوڳي رهيا آهن ۽ ڪرپٽ ماڻهو حڪومت ۾ آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته فوري چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿيون ته آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here