پيپلزپارٽي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي آهي:بلاول ڀٽو زرداري

0
85

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلال ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي پي بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جو ميدان ماري ورتو آهي

ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بلدياتي چونڊن جي نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ مختلف علائقن ۾ سياسي پارٽين طرفان پنهنجي ڪاميابي جون دعوائون ڪيون پيون وڃن

اهڙي ئي هڪ دعويٰ پرڏيهي وزير وزير ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري پاران به ڪئي وئي آهي

بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پيلزپارٽي بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جو ميدان پيپلزپارٽي ماري ورتو آهي. هن پوسٽ ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊ نشان تير جو گِف فوٽو به لڳايو

ان حوالي سان پيپلزپارٽي جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان به هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته ڄامشوري ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پندرهن سيٽون کٽي ورتيون آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here