سنڌ حڪومت فلور ملز جي ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائي ڇڏي، سنڌ حڪومت جي پوري صوبي ۾ 1100 سيل پوائنٽس تي اٽو 65 روپيا ڪلو ملڻ سان گڏ عام دڪانن تي به اٽو 95 روپيا في ڪلو ملندو
ميرپور خاص ۾ افسوس ناڪ واقعي ۾ اٽي جي خريداري دوران فوت ٿيل شخص جي وارثن کي 10 لک روپيا ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو
هي اعلان صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ، خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا آل پاڪستان فلور ملز ايسوسي ايشن اڳواڻن سان گڏ سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو
اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پوري پاڪستان ۾ اٽي جو بحران آهي، اٽي جون قيمتون مٿي ويون آهن، پر سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي جتي 65 روپيا في ڪلو اٽو عوام کي سنڌ حڪومت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو 460 ٽرڪون مختص ڪيون ويون آهن. جڏهن ته صوبي ۾ گڏيل طور تي روزانا 6 لک، 10 ڪلو جا ٿيلها فراهم ڪيا پيا وڃن. جنهن تي حڪومت اربين روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي
هن چيو ته عوام لاءِ عوامي حڪومت ئي اهڙا فيصلا ڪري سگهي ٿي، صوبائي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا کي سختي سان هدايت ڪئي ته سرڪاري اسٽالن سميت اوپن مارڪيٽ ۾ پڻ اٽي جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ آندو وڃي، ان سلسلي ۾ فلور ملز جي ڪوٽا وڌائي وئي آهي، انشاء الله هڪ ٻن ڏينهن ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمت 150 کان گهٽ ٿي ڪري 95 روپيا في ڪلو تي اچي ويندي
صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪڻڪ جو وڏو ذخيرو موجود آهي، وزيراعليٰ سنڌ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي سخت ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ذخيره اندوزن جي ڪڻڪ ضبط ڪري حڪومت جي تحويل ۾ آندي ويندي
شرجيل ميمڻ چيو ته قانون تحت ڪڻڪ جي ٻين صوبن ڏانهن منتقلي تي ڪابه پابندي ناهي ، حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي منتقلي تي پابندي صورتحال کي نظر۾ رکندي لڳائيندي آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ايندڙ سيزن لاءِ 4000 روپيا في مڻ ڪڻڪ جي قيمت مقرر ڪئي، جنهن تي تنقيد ٿي، پر هاڻي ٻيا صوبا پڻ ان فيصلي جي تعريف ڪري رهيا آهن
هن چيو ته پرڏيھه مان گهرايل ڪڻڪ 9000 روپين ۾ ملي ٿي ، جيڪا ايتري معياري پڻ ناهي ۽ مقامي ڪڻڪ سان مڪس ڪري استعمال ڪئي ويندي آهي، ته پوءِ اسان پنهنجي هاري کي 4000 روپيا ڇونه ڏيون
هن چيو ته سنڌ حڪومت جو هي فيصلو هارين کي مستحڪم ڪرڻ ۽ کين ڪڻڪ جي فصل پوکڻ لاءِ حوصله افزائي ڪرڻ لاءِ ڪيو هو
ان موقعي تي خوراڪ واري وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جي وڌندڙ اگھن جو نوٽس وٺندي کيس خاص هدايتون ڏنيون آهن ته اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ آندو وڃي
صوبائي وزير خوراڪ چيو ته آل پاڪستان فلور ملز ايسوسي ايشن جي اڳواڻن سان اجلاس ڪيا ۽ فائنل رائونڊ ۾ ايسوسي ايشن کان اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تجويز گهري، جنهن تي فلور ملز ايسوسي ايشن فلور ملز کي ڪڻڪ جو ڪوٽا وڌائڻ جو مشورو ڏنو
هن چيو ته فلور ملز ايسوسي ايشن جي سهڪار سان سنڌ ۾اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمت 95 روپيا في ڪلو تائين هيٺ آندي ويندي. هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ ميرپور خاص ۾ اٽي جي خريداري جي دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو
هن اعلان ڪيو ته فوت ٿيل شخص جي وارثن کي 10 لک روپيا ڏنا ويندا. ان موقعي تي فلور ملز ايسوسي ايشن جي سينيئر نمائندي چوڌري محمد يوسف چيو ته سنڌ ۾ اٽو پوري پاڪستان کان سستو ملي رهيو آهي، ڪالهه اسان فائنل ميٽنگ ڪئي. فلور ملز کي اضافي ڪوٽا ملڻ شروع ٿي وئي آهي.هڪ ٻن ڏينهن ۾ اوپن مارڪيٽ ۾ 95 روپيا في ڪلو اٽو وڪرو ڪرڻ کي يقيني بڻائينداسين
هن چيو ته ٻوڏ سنڌ صوبي کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، پوءِ به هتي اٽو سستو ملندو رهيو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جماعت اسلامي جو ڪراچي ۾ ٻه دفعا ميئر رهيو ان جو هڪ به وڏو منصوبو ٻڌايو وڃي.هن چيو ته جماعت اسلامي رهائشي علائقن کي ڪمرشلائيز ڪري ڇڏيو، جنهن سان شهر جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو