اٽو 65 کان 95 رپيا ڪلو ڪرڻ جو اعلان، ڪڻڪ جي کوٽ سبب بحران ٿيو: سنڌ سرڪار

0
74

ڪراچي (م ڊ) سنڌ حڪومت پاران عوام کي اٽو 65 کان 95 رپيا في ڪلو فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حڪومت عوام کي اٽي تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي، اٽو 65 رپيا في ڪلو فراهم ڪيو پيو وڃي،

پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سڄي سنڌ ۾ روزانو اٽي جا 6 لک ٿيلها ڏنا پيا وڃن، سنڌ حڪومت سبسڊي جو بار کڻي پئي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولال چيو ته ڪڻڪ جي کوٽ سبب ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو، روس مان ڪڻڪ جو جهاز پهچي ويو آهي، ٻن کان ٽن ڏينهن تائين اٽي جي قيمتن تي ضابطو اچي ويندو، اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمت 107 رپيا في ڪلو آهي.

شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪيو ويو، ٻوڏ متاثرن لاءِ اميد کان وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت جو عالمي بينڪ سان سڌي ريت رابطو رهيو. هن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ حيدرآباد ۾ ڪم شروع ڪيو آهي، عوام کي رليف لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here