عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان کان ڊالر جو ايڪسچينچ اگهه ريٽ مارڪيٽ تحت ڪرڻ ۽ مصنوعي پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي
ناڻي کاتي جي ذريعن موجب جنيوا ڪانفرنس جي سائيڊ لائن تي آءِ ايم ايف وفد سان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملاقات ڪندو جنهن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي
آءِ ايم ايف جو مطالبو آهي ته پاڪستان ڊالر جو ايڪسچينچ ريٽث مارڪيٽ موجب ڪري، ايڪسچينچ ريٽ تي هٿرادو پابندي ختم ڪري
بذريعن موجب پاڪستان کي 30 جون 2023 تائين پيٽروليم ليوي 855 ارب رپيا جمع ڪرڻ جو پلان ڏيڻو پوندو جنهن لاءِ ڊيزل تي ليوي فوري 32.5 رپيا وڌائي ڪري 50 رپيا ليٽر ڪرڻو پوندو
گيس جي شعبي ۾ 1500 ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ ختم ڪرڻو پوندو جنهن لاءِ گيس جا اگهه وڌائڻا پوندا
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف سبسڊيز جو خاتمو چاهي ٿو ، آءِ ايم ايف ٽيڪس آمدني ۾ 300 ارب رپين جي اضافي جو مطالبو به ڪري رهيو آهي ،پاڪستان کي بجلي جا نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ بجلي جا اگهه وڌائڻا پوندا
آءِ ايم ايف بجلي جو اگهه في يونٽ اگهه 3 ڏهائي 5 رپيا وڌائڻ جو مطالبو ڪري چڪو آهي