لاهور مان ڪجهه ماڻهو منهنجي دوست کي کنڀي ويا آهن: مونس الاهي

0
65

لاهور: مسلم ليگ ق جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي الزام هنيو آهي ته منهنجي هڪ دوست کي ڪجهه ماڻهو کنڀي ويا آهن.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مونس الاهي لکيو ته ڪالهه منهنجي هڪ دوست کي ڪجهه ماڻهو 2 گاڏين ۾ کڻي ويا.

سوشل ميڊيا تي واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو شيئر ڪندي مونس الاهي لکيو ته ايف آءِ اي وارا قسم کڻن ٿا ته اسان ناهي کنيو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ان کي ايف آءِ اي وٽ آندو ويندو ۽ ڪيس داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو. ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته توهان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان کي پي ڊي ايم سان ناهي ملڻو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here