مٺي: ٿرپارڪر ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ ۽ برسات متاثرن جِي سهائتا لاءِ ٿر فلڊ رليف جيپ ريلي جاري آهي، اسٽاڪ ڪيٽيگري جون 44 گاڏيون اڄ مقابلي ۾ حصو وٺنديون،
گاڏين کي 107 ڪلو ميٽر جو ٽريڪ مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، پِري پَيڊ ڪيٽيگري جَي 23 گاڏين جو مقابلو سڀاڻي ٿيندو، تقريب ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شرڪت ڪندو.