ڪراچي ۾ تيزاب هارڻ وارو واقعو، ٽي ڀاءُ ڀيڻ زخمي

0
94

REPORT By Nizam Bhutto

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ تيزاب هارڻ جي واقعي ۾ ٽي ڀاءُ ڀيڻ زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ريسڪيو ذريعن موجب واقعو ڪورنگي جي علائقي باغِ ڪورنگي ۾ صائمه ولاز ڀرسان پيش آيو

تيزاب اڇلائڻ جي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ 19 ورهين جو وقاص، سندس 16 ورهين جي ڀيڻ سائرا ۽ 18 ورهين جي ٻي ڀيڻ صائمه شامل آهن

ٽنهي کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي، عوامي ڪالوني پوليس موجب واقعي جو اطلاع مليو آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here