سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙو: سفر ۾ ڏکيائيون، لاهور رنگ روڊ ۽ موٽروي بند

0
77

ڪراچي: سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار، سکر، لاڙڪاڻي، خيرپور، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جِي حد گهٽجي وئي، ڪوهيڙي سبب ڊرائيورن کي گاڏيون هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون،

ڊرائيون جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي سببب ٽرانسپورٽ ۾ دير ٿي رهي آهي، منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ڪرڻو پوي ٿو، جڏهن ته موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ هوائون گهُلڻ سبب ٿڌ وڌي وئي آهي، شهر جِي موسم اڃا خشڪ رهندي،

لاهور سوڌو پنجاب جَي ميداني علائقن ۾ به ڪوهيڙو ئي ڪوهيڙو رهيو، لاهور رنگ روڊ ۽ موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان بند ڪيو ويو، انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪوهيڙي سبب نظر جي حد تمام گڻي گهٽجي وئي آهي، اتفاقي حادثن کان بچڻ لاءِ رنگ روڊ ۽ موٽرويز کي ڪجهه هنڌن تان بند ڪيو وڃي، جيڪو انتهائي ضروري هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here