رجيم چينج آمريڪا کان ٿيندي هڪ ماڻهو تائين پهتو آهي: مريم اورنگزيب

0
110

سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته رجيم چينج واري ڳالهه آمريڪا کان ٿيندي هاڻي هڪ ماڻهو تائين پهتي آهي

سندس چوڻ هو ته پنجاب ميڊيڪل بورڊ مطابق عمران خان کي ڪا به گولي نه لڳي آهي، عمران خان جي ڪوڙ تي يقين ڪندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ سربراه يوٽرن جو بادشاه آهي

سندس چوڻ هو ته هي ماڻهو 22 ڪروڙ ماڻهن جو ڏوهاري آهي، جنهن ملڪ کي معاشي طور تباه ڪيو، جڏهن ته عمران خان اخلاقيات جو جنازو ڪڍيو آهي

هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير پنهنجو صوبو ڇڏي زمان پارڪ جي غلامي ڪري رهيو آهي، عمران خان جمعي تي اسيمبلي ٽوڙڻ جو وعدو ڪيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here