وزيرآباد واقعي ۾ اهي ماڻهو ملوث آهن جن کي اسان پنهنجو ۽ ملڪ جو محافظ سمجهون ٿا:عمران خان

0
84

پي ٽي آءِ  چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم  عمران خان چيو آهي ته وزيرآباد واقعي ۾ اهي ماڻهو ملوث آهن، جن کي اسان پنهنجو ۽ ملڪ جو محافظ سمجهون ٿا ۽ اها تمام گهڻا طاقتور آهن.

وڊيو لنڪ ذريعي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته رجيم چينج کانپوءِ مشهور چورن کي مڙهيو ويو، مون کي خبر آهي ته رجيم چينج ۾ ڪير ڪير شامل آهي، عوام ان تبديلي کانپوءِ پهريون ڀيرو روڊن تي نڪتو، رجيم چينج جي ماسٽر مائينڊ کي خبر نه هئي ته قوم نڪرندي

هن چيو ته مون کي رستي تان هٽائڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ويو، ننڍي چونڊ کٽڻ کانپوءِ مون کي قتل ڪرائڻ جي رٿابندي هئي ۽ پوءِ واقعي کي مذهبي رنگ ڏنو وڃي ها، اهڙو اطلاع اسان جي ايجنسين جي ڪجهه ماڻهن مون کي اڳ ئي ڏئي ڇڏيو هو

سندس چوڻ هو ته وزيرآباد واقعي ۾ نواز شريف، شهباز شريف ۽ زرداري کان طاقتور ماڻهو شامل آهن، افسوس سان چوان ٿو ته انهن کي اسان پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو محافظ سمجهون ٿا، انهن جي ڪري ئي ايف آءِ آر داخل نه ٿي ۽ نه شفاف جاچ ٿي سگهي.

عمران خان چيو مان سوال ٿو ڪيان ته اسان جي ملڪ جا محافظ ان سازش ۾ ڪيئن شامل ٿيا، ڇا انهن کي ملڪ جي ڳڻتي ناهي؟

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here