حراست دوران مريم نواز جي به وڊيو ٺاهي وئي: ميجر (ر) عادل راجا جو انڪشاف

0
83

ڪراچي: تڪراري يوٽيوبر ميجر (ر) عادل راجا چيو آهي ته منهنجي ذريعن جي دعويٰ آهي ته مريم نواز جي وڊيو به ٺاهي وئي آهي،

هڪ انٽرويو ۾ عادل راجا جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن مريم نواز حراست ۾ هئي ته ان وقت کيس علاج يا آرام جي ارادي سان مريم نواز کي هڪ سيف هائوس ۾ آندو ويو، جتي مريم نواز جي وڊيو ٺاهي وئي آهي، انهن جي پڪي تصديق ناهي ٿي پر ڳالهيون ضرور ٻڌيون آهن، ٻيو ته مريم نواز پاڻ به وڊيو جو ذڪر ڪري چڪي آهي‏.

هن چيو ته نوازشريف پاران جنرل عاصم منير کي آرمي چيف مقرر ڪرڻ کانسواءِ ٿي سگهي ٿو ته کيس چيو هجي ته جنرل فيض حميد خلاف جاچ ڪريو، پتو لڳايو ته مريم نواز جي وڊيو ڪنهن ٺاهي، اهي ڪم ته اڳ به ٿيندا رهيا آهن پر ڊي جي آءِ ايس آءِ جي جاچ ٿيڻ جو ڪنهن نه ٻڌو هوندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here